ڪلڀوشن ياديو جي سزا بابت عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد: ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو جي سزا بابت انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ وفاقي حڪومت فيئر ٽرائل جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. وفاقي حڪومت استدعا ڪئي آهي ته تازو ئي جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس جي روشني ۾ درخواست داخل ڪرائي پئي وڃي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته قومي مفاد کي سامهون رکندي عدالت ڀارتي ايجنٽ لاءِ قانوني نمائندو مقرر ڪري. درخواست مطابق ڪلڀوشن ڀارتي مدد کانسواءِ پاڪستان ۾ وڪيل مقرر ڪري نٿو سگهي. واضح رهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ٽي مارچ 2016 تي بلوچستان مان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي گرفتار ڪيو هو،ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 اپريل 2017 تي ڀارتي جاسوس کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔