سپريم ڪورٽ پاران سوشل ميڊيا تي اعتراض جوڳي مواد جو نوٽيس، يوٽيوب بند ڪرڻ جو اشارو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سوشل ميڊيا تي اعتراض جوڳي مواد جو نوٽيس وٺندي يوٽيوب کي بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو،جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته آرمي، عدليا ۽ حڪومت جي خلاف ماڻهن کي ڀڙڪايو پيو وڃي. جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته اسان کي اظهار جي آزادي سان ڪوبه مسئلو ناهي،عوام کان پگهار وٺون ٿا،اسان جي ڪارڪردگي ۽ فيصلن تي عوام کي راءِ ڏيڻ جو حق آهي. سپريم ڪورٽ جي جج جو چوڻ هو ته نجي زندگي جو حق به اسان کي آئين ڏئي ٿو،ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي ڏٺو آهي ته يوٽيوب تي ڇا پيو ٿئي؟ جسٽس قاضي امين چيو ته يوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا تي اسان جي خاندان کي به معاف نٿو ڪيووڃي،ڪو يوٽيوب تي چاچو ته ڪو مامو بڻجي ويٺو آهي. جسٽس قاضي امين ڄاڻايو ته ججز کي شرمسار ڪيو پيو وڃي،اسان صبر کان ڪم وٺون پيا،آخرڪار ان جو انت ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔