ڪورونا سبب آمريڪا جون حالتون بهتر ٿيڻ کان اڳ وڌيڪ خراب ٿينديون: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ڪورونا وبا سبب ملڪ ۾ حالتون بهتر ٿيڻ کان اڳ وڌيڪ  خراب ٿينديون.

وائٽ هائوس ۾ بنا ماسڪ جي پريس ڪانفرنس ڪندي صدر ٽرمپ ماڻهن تي زور ڏنو ته هو ماسڪ پائين ڇو ته مان به هاڻ ماسڪ پاڻ سان گڏ رکندو آهيان.

ملڪ ۾ سڀ ڪجهه  بهتر آهي چوندڙ صدر ٽرمپ هن ڀيري ڪورونا بريفنگ ۾ پنهنجي صلاحڪار ڊاڪٽر انتهوني فائوچي کي به نه گهرايو ان باري ۾ ٽرمپ چيو ته ان جي ڪارڪردگي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو وڃي ته وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان جو طريقو ڇا هو.

ٻئي طرف آمريڪا جي سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول مڃيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي شڪار ماڻهن جو اصل انگ رپورٽ ڪيل ڪيسن کان گهٽ آهي. گهٽ ۾ گهٽ 13 ڀيرا وڌيڪ آهي. نيويارڪ، ڪيليفورنيا، فلوريڊا، ٽيڪساس ۽ نيو جرسي سڀني کان وڌيڪ متاثر آهن.

جڏهن ته 50 ڏينهن بعد ملڪ ۾ ٻيهر کان روزاني هڪ هزار ماڻهو جون فوتگيون ٿيڻ لڳيون آهن ۽ صرف ڪيليفورنيا ۾  مريضن جو انگ 4 لک تائين پهچي ويو آهي پر ڪورونا بيماري جي خلاف اڃان تائين ويڪسين تيار ناهي ڪئي وئي. 

آمريڪي اختيارين اهي به الزام لڳايا آهن ته ٻن شڪي هيڪرن آمريڪا ۾ تيار ٿيندڙ ويڪسين جي ڊيٽا چين جي لاء چورائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔