وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري

اسلام آباد:وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ جاري آهي، اجلاس ۾ نو نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا ۾ والاريل ڪشمير ۽ ڪرونا وائرس جي صورتحال تي ويچاريو ويندو. ڪابينا جي اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 16 جولاءِ جي فيصلن جي حتمي منظوري به ڏني ويندي. ذريعن مطابق اجلاس ۾ پنجن وزارتن ۽ ڊويزنز جا آئٽمز منظوري لاءِ پيش ڪيا ويندا.ڪمپنيز ايڪٽ 2017، ايف اَي ٽي ايف بابت لميٽيڊ لائيلٽي پارٽنرشپ ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي. دهشتگردي جي ايڪٽ 1997 ۾ ترميم جو معاملو به ايجنڊا ۾ شامل آهي. مني لانڊرنگ جو قانون وڌيڪ سخت ڪرڻ لاءِ نارڪوٽس سبسٽينس ايڪٽ 1997 ۾ ترميم ۽ نيشنل هيلٿ ايمرجنسي ريسپانس ايڪٽ 2020 جي منظوري به ايجنڊا جو حصو آهي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔