آصف زرداري جي وڪيلن پاران پارڪ لين ريفرنس ۾ ٽرائل خلاف نئين درخواست داخل

اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي وڪيلن پارڪ لين ريفرنس ۾ ٽرائل جي خلاف نئين درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست داخل ڪرڻ تي آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ نيب پراسيڪيوٽر ۾ گرما گرمي ٿي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پهريان ان قانوني نقطي تي فيصلو ڪيو وڃي ته هي ريفرنس عدالتي اختيار ۾ اچي ٿو يا نه؟ آصف زرداري پاران نيئن درخواست تي نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي اعتراض واريو،هن چيو ته انهيءَ نوعيت جي درخواست ته پهريان ئي داخل آهي، نئين درخواست ڪيس ۾ دير ڪرڻ جو حربو آهي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته پهرين درخواست ۾ جيڪي ڳالهيون ڄاڻايون ويون آهن،ٻئي درخواست ۾ ساڳيون ورجايون ويون آهن،انهن کي رات جو خواب اچي ويندو آهي ته صبح جو نئين درخواست داخل ڪرڻي آهي. هن چيو ته فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ ريفرنس خارج ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري نٿي سگهجي،ڪراچي ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن،هن عدالت کي استدعا ڪئي ته درخواست ڳري ڏنڊ سان گڏ رد ڪئي وڃي. نيب پراسيڪيوٽر جي اعتراض تي آصف زرداري جي وڪيلن ۽ نيب پراسيڪيوٽرز جي وچ ۾ شديد گرما گرمي ٿي وئي، جنهن تي احتساب عدالت جي جج اعظم خان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڪيلن کي ڇنڊ پٽي. جج چيو ته عدالت کي سياسي آکاڙو نه بڻايو، توهان گوڙ ڇو ٿا ڪريو؟ مان هتي ڪنهن کي سياست ڪرڻ نه ڏيندس. جج ، فاروق ايڇ نائيڪ کي هدايت ڪئي ته توهان دليل مڪمل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو،توهان پنهنجي پهرين درخواست تي دليل ڏيو،مان عدالت جي اختيارن جي دائري تي هن سان گڏ فيصلو ڪندس. آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سردار مظفر عباسي کي خواب وارن ريمارڪس تي معافي گهرڻي پوندي،نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل معافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔