ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اڄ چنڊ نظر اچي ويندو: فواد چوڌري جي اڳڪٿي

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اڄ چنڊ نظر اچي ويندو.

رپورٽ موجب فواد چوڌري چنڊ نظر اچڻ بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو آهي ته ذوالحج 1441 هجري جي چنڊ جي پيدائش رات جو 10 لڳي 33 منٽن تي ٿي چڪي آهي. اڄ پاڪستان ۾ ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چنڊ نظر اچي ويندو.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن  موسم جهڙالو آهي ته روٽ ايپ ڊائون لوڊ ڪريو ۽ صحيح هنڌ ڏسو.

ياد رهي ته ذوالحج جو ڏسڻ  لاءِ  مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو. مذهبي معاملن واري وزارت ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس گذريل ڏينهن طلب ڪيو هو.

مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب رويت هلال ڪميٽي جو مرڪزي اجلاس اڄ عصر جي نماز کان پوءِ ڪراچي ۾  ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔