سُپريم ڪورٽ طرفان ڪورونا لاءِ اڻپورن انتظامن خلاف ورتل پاڻمرادو نوٽيس،اين ڊي ايم اي تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد : لڳي ٿو اين ڊي ايم اي کي ئي ختم ڪرڻو پوندو، اداري کي ختم ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي وڃي، سُپريم ڪورٽ طرفان ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻپورن انتظامن خلاف ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻيءَ دوران اين ڊي ايم اي تي ڪاوڙ جو اظهار، اٿارٽي جو چيئرمين عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس چيو ته اين ڊي ايم اي اڃا تائين اهم دستاويز جمع نه ڪرايا آهن، 3 ڀيرا حڪم ڏيڻ باوجود ڪاغذ جمع ڇو نه پيش ڪيا ويا؟ جهاز چارٽرڊ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪروڙ 7 لک کان وڌيڪ روڪ رقم ڏني وئي، ڪراچي ۾ ڪو ماڻهو ايتري ڪيش ڪيئن ٿو ڏئي سگهي؟ لڳي ٿو اسان سان ڪا هوشياري ۽ چالاڪي ٿي آهي، ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل صاحب! هي ڪهڙو تماشو هلي رهيو آهي، شايد ڪجهه غلط ٿيو آهي، جنهن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڇو نه اين ڊي ايم اي چيئرمين کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪريون؟ چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن کي به هڪ رُپئي جو فائدو ٿيڻ نه ڏينداسين، ملڪي ادارن کي شفاف طريقي سان هلڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔