دنيا ۾ ڪرونا 6 لک 13 هزار 248 شهرين جون جانيون ڳڙڪائي ويو

نيويارڪ : دنيا ۾ ڪرونا 6 لک 13 هزار 248 شهرين جو جانيون ڳڙڪائي ويو. دنيا ۾ متاثرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 48 لک 55 هزار 106 ٿي ويو، جڏهن ته 89 لک 7 هزار 166 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. آمريڪا ۾ فوتين جو انگ هڪ لک 43 هزار 834،برازيل ۾ 80 هزار 251 ۽ ڀارت ۾ 28 هزار 99 ٿي ويو. رپورٽس مطابق روس ۾ 12 هزار 427،ڏکڻ آفريقا ۾ 5 هزار 173،پيرو ۾ 13 هزار 384 ۽ ميڪسيڪو ۾ 39هزار485 شهري فوت ٿي ويا. لاطيني آميڪا جي ملڪ چلي ۾ 8 هزار 633،اسپين ۾ 28 هزار 422 ۽ برطانيا ۾ 45 هزار 312 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔