ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 40 مريضن دم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 40 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 5 هزار 639 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ اندر 13 سئو نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽس مطابق ملڪ اندر وائرس سٽيلن جو مجموعي انگ 2 لک 66 هزار 96 تائين پهچي ويو. پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 هزار 90 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق سنڌ ۾ فوتين جو انگ 2 هزار 19 تائين پهچي ويو. خيبرپختونخواهه ۾ 1147، اسلام آباد ۾ 160، بلوچستان ۾ 133، آزاد ڪشمير ۾ 47 ۽ گلگت بلتستان ۾ 43 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ملڪ ۾ مجموعي طور تي 2 لک 8 هزار 30 مريض ڪرونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔