بلوچستان: تربت واري علائقي ۾ ڌماڪو ،هڪ ڄڻو مارجي ويو، 7 زخمي

تربت: بلوچستان جي  تربت واري واري علائقي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. رپورٽ موجب تربت بازار ۾ گاڏي  جي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويوجڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. 

ڌماڪي سبب ويجهين  عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا. واقعي جي فورن بعد ريسڪيو اختياريون ۽ ليويز اهلڪار موقعي تي پهچي ويا جنهن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي هن قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين کي علاج جون بهترين سهوليتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ڄام ڪمال خان چيو ته پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر بنائين دهشتگرد ۽ ان جي سرپرستن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. پنهنجن ڪڌن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بي گناهه ماڻهن جو رت وهائيندڙ سخت سزا جا مستحق آهن. ملڪ دشمن عناصرن جي ايجنڊا کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين.

بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ ترقي ۽ امن جو عمل هر صورت ۾ جاري رهندو. ڪجهه عناصر پنهنجي ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بدامني پيدا ڪري بلوچستان  کي پوئتي ڪرڻ چاهين ٿا ۽ بلوچستان جي محب وطن عوام جي تعاون سان سيڪيورٽي فورس دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم ۽ متحرڪ آهي.

هوڏانهن ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي شدت ايتري هئي جو ڀرپاسي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي ويا. واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته بم موٽر سائيڪل ۾ لڳايو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔