نيپرا ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي مڪمل ذميواري ڪي اليڪٽرڪ تي مڙهي ڇڏي

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پارو ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي جاچ ٽيم گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ جاري بدترين لوڊشيڊنگ جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.

نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي جي سربراهي ۾ اٿارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وائس چيئرمين نيپرا ۽ ٻيا ميمبر به شريڪ ٿيا جڏهن ته جاچ ٽيم طرفان ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ تي رپورٽ پيش ڪئي وئي.

ذريعن موجب رپورٽ ۾ لوڊشيڊنگ جي مڪمل ذميواري ڪراچي ۾ بجلي جي ورڇ واري ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ تي لاڳو ٿئي ٿي ۽ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ لائسنس جي ڀڃڪڙي ڪئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لائسنس جي تحت ڪي اليڪٽرڪ صارفن کي بجلي فراهمي جي پابند آهي، پاور پلانٽس کي تيل جي عدم موجودگي جا ذميوار صارف ناهن.

ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ اينڊ انفورسمنٽ جي سربراهي ۾ نيپرا ٽيم 4 ڏينهن تائين انڪوائري ڪئي هئي، ٽيم ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي پيداوار ۽ لوڊشيڊنگ جي ڊيٽا حاصل ڪئي هئي ۽ ڪي اليڪٽر جي صارفن سان به ملاقات ڪئي هئي.

ذريعن موجب اٿارٽي رپورٽ جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ فيصلو جاري ڪندي.

ٻئي پاسي ذريعن ٻڌايو ته اٿارٽي اجلاس ۾ اوور بلنگ بابت سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو خط غور هيٺ ناهي آيو جنهن جو سبب اِهو آهي ته نيپرا پهرين ئي گورنر سنڌ کي خط جو جواب ڏئي چڪي آهي.

ذريعن ٻڌايو ته سنڌ جي گورنر کي خط جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته نيپرا جي ريجنل آفيس ڪراچي اِهو معاملو ڏسي رهي آهي ۽ اوور بلنگ بابت ڪي اليڪٽرڪ صارف جون 810 درخواستون مليون جنهن مان 300 کان وڌيڪ درخواست اُڪلايون ويون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اوور بلنگ جي شڪايت تي 576 صارفن کي خط لکيا ويا ۽ 543 صارفن کي فون ڪيا ويا جنهن مان 50 صارفن فون نه کنئي.

ذريعن موجب ريجنل آفيس ڪراچي اوور بلنگ جي شڪايت حل ڪري رهيو آهي، اوور بلنگ واري عاملي تي ضرورت پئي ته انڪوائري ڪميٽي بڻائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔