ن ليگ جي گڏيل پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو، ملڪ جي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو

اسلام آباد:  پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي گڏيل پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ منعقد ٿيندو

رپورٽ موجب (ن) ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته گڏيل پارلياماني پارٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٻنپهرن جو ڏيڍ وڳي منعقد ٿيندو.

(ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب موجب گڏيل پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾(ن) ليگ جا قومي اسيمبلي  ۽ سينيٽ جا ميمبر شرڪت ڪندا.

رپورٽ موجب گڏيل پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، معاشي اقتصادي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

(ن) ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب موجب پارلياماني پارٽي جي گڏيل اجلاس ۾ مستقبل جي  حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويندو ۽ صلاح مشورا ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔