ڀارت ۾ ڪورونا وبا عروج تي، هڪ ئي ڏينهن 40 هزار نوان ڪيس رپورٽ

نئين دهلي : ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي 40 هزار کان وڌيڪ نون مريضن جي تصديق ٿي آهي، جيڪو اتي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڏو انگ آهي.

انگن اکرن موجب ڀارت ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيندڙن جو مجموعي انگ 11 لک 20 هزارن جي ويجهو پهچي چڪو آهي، جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن ۾ رڪارڊ 681 فوتگين کانپوءِ ڪووڊ 19 جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 47 هزار 5 سئو کان وڌي ويو آهي.

ڪورونا وائرس سان دنيا ۾ سڀ کان متاثر ملڪن ۾ آمريڪا ۽ برازيل کانپوءِ ڀارت جو نمبر آهي، جڏهن ته طبي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ڀارت ۾ ٻڌايل فوتگين جو انگ حقيقت ۾ ان کان وڌيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔