وزير اعظم جي حڪومتي سبسڊيز جو جائزو وٺڻ لاءِ سيل قائم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان غريب ۽ ضرورتمند ماڻهن کي بجلي، گيس ۽ يوٽيلٽي اسٽورز جي سبسڊيز فراهم ڪرڻ جي لاءِ احساس ڪيش پروگرام جي ڊيٽا بيس مان فائدو کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت طرفان سبسڊي فراهم ڪرڻ جو مقصد غريب ۽ مستحق ماڻهن جي سهڪار ۽ ريليف جي فراهمي آهي.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ معيشت بابت مختلف معاملن جي لاءِ قائم ٿنڪ ٽينڪ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي گيس، فرٽيلائزرز، يوٽيلٽي اسٽورز، ايڪسپورٽس ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي حوالي سان بجيٽ ۽ بجيٽ کان سواءِ ڏني وينديڙ سبسڊيز تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

هن ناڻي واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي ته مختلف مد ۾ حڪومت طرفان فراهم ڪيل سبسڊيز جي تفصيلي جائزي لاءِ هڪ خاص سيل قائم ڪيو وڃي.

وزير اعظم عمران خان اجلاس سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت طرفان سبسڊي فراهم ڪرڻ جو مقصد غريب ۽ مستحق ماڻهن جي سهڪار ۽ ريليف جي فراهمي آهي. سبسڊي جي سڄي نظام جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته سبسڊي جي رقم مڪمل طور تي شفاف طريقي سان نه رڳو ضرورتمندن کي ميسر آئي پر وڌ کان وڌ ماڻهو ان سهولت مان فائدو کڻندا.

وزير اعظم ناڻي بابت صلاحڪار کي هدايت ڪئي ته مختلف مد ۾ حڪومت طرفان فراهم ڪيل سبسڊيز  جي تفصيلي جائزي ۽ هن جي بهتري ۽ افاديت وڌائڻ جي لاءِ گڏيل سفارشون پيش ڪرڻ جي لاءِ خاص سيل قائم ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔