ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد:  ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو.  وفاقي مذهبي معاملن واري وزارت ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس گذريل ڏينهن طلب ڪيو هو.

مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب رويت هلال ڪميٽي جو مرڪزي اجلاس اڄ عصر جي نماز کان پوءِ ڪراچي ۾ ٿيندو. جاري ڪيل بيان موجب مرڪزي اجلاس   چيئرمين رويت هلال ڪميٽي مفتي منيب الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيندو.

جڏهن ته زونل رويت هلال ڪميٽين جا اجلاس پنهنجن پنهنجن هنڌن تي ٿيندا. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي خدشن کي نظر ۾ رکندي قوم کان عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائڻ جي اپيل ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔