سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات، ڀتيون ڪرڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب 18ڄڻا فوت

ڪراچي/لاهور : سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات، موسم خوشگوار: پنجاب ۾ گهرن جون ڀتيون ڪرڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 18ڄڻا فوت ٿي ويا، تاندلياوالا ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 5 ٻارڙن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڀاتي دٻجي فوت ٿي ويا، فيصل آباد ۾ ڇت ڪرڻ سبب 3 ڀينرن سميت ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا، وهاڙي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪڻ ڪڻ کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، مختلف علائقن ۾ برسات سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔