سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن طرفان سزا ٻڌايل 196 دهشتگردن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن طرفان سزا ٻڌايل 196 دهشتگردن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو، عدالت وفاقي حڪومت کان ڪيسن جا تفصيل طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا سزا آيل سمورا دهشتگرد جيلن ۾ آهن؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سمورا دهشتگرد جيلن ۾ آهن ۽ سندن آزادي وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪيو وڃي، جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل کانپوءِ جوابدارن کي سزا آئي هئي، هر ڪيس جا پنهنجا ثبوت ۽ حقيقتون آهن، ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تي ٻيهر ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔