سنڌ ۾ 10 سالن تائين عمر جا 3249 ٻار ڪورونا سبب متاثر

ڪراچي : سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته صوبي ۾ 10 سالن تائين عمر جا 3249 ٻار ڪورونا سبب متاثر ٿيا.
پنهنجي بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته 12 کان 17 سالن جي عمر جا هڪ هزار کان وڌيڪ نينگر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا، جڏهن ته 50 سالن کان وڌيڪ عمر جا 22 هزار 554 مرد ۽ عورتون ڪورونا متاثرن ۾ شامل آهن.
هن ٻڌايو ته ڪورونا انفيڪشن جي شرح گهٽ ٿيڻ شروع ٿي آهي، تنهن ڪري حفاظتي اپائن سان گڏ ڪوشش ڪرڻي پوندي ته عيد تي ڪيسن ۾ واڌ نه ٿئي ۽ شهري وبا جي روڪٿام لاءِ هدايتن تي سختي سان عمل ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔