مشهور قوال مرحوم امجد صابري جي ڌيءَ ٽڪ ٽاڪ اسٽار بڻجي وئي

ڪراچي: لکين دلين تي حڪمراني ڪندڙ مشهور قوال مرحوم امجد صابري جي ڌيءَ حورين صابري ٽڪ ٽاڪ اسٽار بڻجي وئي آهي. حورين صابري ڪجهه مهينا اڳ ئي پنهنجو انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ ٺاهيو ۽ صرف ڪجهه مهينن ۾ ان جا انسٽاگرام تي 54 هزار کان وڌيڪ جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ تي 51 هزار کان وڌيڪ فالوورز ٿي ويا آهن. هونئن ته حورين صابري پنهنجي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٽڪ ٽاڪ تي شيئر ڪري رهيا هئا پر هاڻ هن پنهنجون ڪجهه ٽڪ ٽاڪ وڊيوز انسٽاگرام تي به شيئر ڪيون آهن جيڪي ڏسندي ئي ڏسندي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.حورين صابري جي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ۽ تصويرون ڏيڻ کان پوءِ ان جي پيءُ جي چاهيندڙن ان کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان واقعي ۾ امجد صابري جي ڌيءَ آهيو.؟ صارفين جي ان سوال جي جواب ۾ حورين صابري پنهنجي والد سان گڏ پنهنجي ننڍپڻ جون ڪجهه يادگار تصويرون پوسٽ ڪندي ٻڌايو ته مان مشهور قوال امجد صابري جي ئي ڌيءَ آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔