وزيراعظم ڪراچي ۾ بجلي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو وري پوئتي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم ڪراچي ۾ بجلي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو وري پوئتي ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ في الحال نه ڪئي وڃي.

واضح رهي ته اي سي سي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي ٽيرف ۾ 2 رپيا 89 پئسا تائين واڌ جي منظوري ڏني هئي.

وفاقي ڪابينا ۾ معاملي تي اختلاف سبب فيصلو پوئتي ڪيو ويو هو ۽ وزيراعظم ان معاملي تي خاص اجلاس اڄ طلب ڪيو هو.

ذريعن موجب ڪابينا ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ وفاقي وزير امن الحق ۽ وفاقي وزير اسد عمر ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي اگهن ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي.

ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جي اجلاس دوران وزيراعظم وفاقي وزيرن کي اهم ٽاسڪ ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو معاملو بنا دير حل ڪيو وڃي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ڪرڙي نظر رکي وڃي، شهرين سان ناانصافي قبول ناهي، وفاقي حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ وسيلا فراهم ڪندي.

عمران خان هنگامي بنيادن تي قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته مسئلن جي حل تائين نيشنل گرڊ مان ڪراچي کي بجلي فراهم ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔