چئن ڏينهن دوران پي ٽي آءِ منهنجي سوالن جا جواب ناهن ڏنا: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي : پ پ چيئرمين هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کان پنهنجي سوالن جا جواب گهري ورتا، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته منهنجي پريس ڪانفرنس کي اڄ چوٿون ڏينهن آهي پر پي ٽي آءِ ڪوبه جواب ناهي ڏنو ويو، اٽَي، کنڊ، پيٽرول، پي آءِ اي ۽ بلين ٽري منصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن جو جواب ڏنو وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فارن فنڊنگ ۾ ٿيل ڪرپشن، ابراج گروپ ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۾ بدعنواني جو جواب ڏنو وڃي. هن چيو ته سلائي مشين سان نيويارڪ ۾ ٺهندڙ ٽاورز جي ڪرپشن ۽ مالم جبا ڪرپشن جو به جواب ڏنو وڃي. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وارا اٽي، کنڊ، پيٽرول، پي آءِ اي ۽ بلين ٽري منصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن جو به جواب ڏين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔