فيصل واوڊا جي نااهلي بابت درخواست تي ٻڌڻي لاءِ 20 جولاءِ جي تاريخ مقرر

ڪراچي :اليڪشن ڪميشن سنڌ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي بابت درخواست تي ٻڌڻي لاءِ 20 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، قادر خان مندوخيل ايڊووڪيٽ ۽ ٻين فيصل واوڊا خلاف ٻٽِي شهريت لڪائڻ تي درخواست داخل ڪئي هئي. اليڪشن ڪميشن سنڌ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير فيصل واوڊا خلاف ٻٽِي شهريت واري معاملي تي داخل درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ 20 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪئي آهي. عدالت درخواستگذار قادر خان مندو خيل ايڊووڪيٽ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي فيصل واوڊا کي ذاتي طور يا وڪيل معرفت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. قادر خان مندو خيل طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو آهي ته فيصل واوڊا ٻٽي شهريت لڪائي اين اي 249 تان چونڊ وڙهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔