شهباز شريف ڪرونا جي باوجود ڪوڙن ڪيسن ۾ پيش ٿي رهيو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد :ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف ڪرونا جي باوجود ڪوڙن ڪيسن ۾ پيش ٿي رهيو آهي،عمران صاحب توهان 10 ارب رپين جي هرجاڻي جي ڪيس ۾ ڪڏهن پيش ٿيندو؟. جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته قوم ڏسي رهي آهي ته آئين ۽ قانون جو ڀرم ڪير رکي رهيو آهي. نون ليگ جي ترجمان چيو ته عمران ۽ ان جا فرار ٿيل دوست عدالتن ۾ ڪڏهن پيش ٿيندا. هن چيو ته عمران صاحب فارين فنڊنگ، هيلي ڪاپٽر ڪيس ۾ ڪڏهن پيش ٿيندو؟ ن ليگ اڳواڻ چيو ته نيب-نيازي ناني ويڙهو ڪنهن منصوبي ۾ ڪرپشن، ڪڪ بيڪس ثابت نه ڪري سگهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔