سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ34 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويٺا

ڪراچي :سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ34 مريض فوت ٿي ويا، گذريل 24ڪلاڪن دوران 1155ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت تائين هڪ لک10هزار 68 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ1922ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔