ڀارت پاڪستان جي ڪلڀوشن ياديو تائين ٻي قونصلررسائي تائين جي آڇ قبول ڪري ورتي

نئين دهلي : ڀارت پاڪستان جي ڪلڀوشن ياديو تائين ٻي قونصلررسائي تائين آڇ قبول ڪري ورتي آهي

سفارتي ذريعن موجب ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي اڄ قونصلر رسائي ڏني ويندي

ڀارتي ناظم الامور پنهنجي آفيس پهچي ويو ۽ ڪجهه دير ۾ ان جي ملاقات ڪلڀوشن ياديو سان ڪرائي ويندي

ياد رهي ته پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو پنهنجي سزا خلاف نظرثاني جي اپيل داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

ڪلڀوشن ياديو پاڪستان خلاف سرگرمين ۾ ملوث رهيو ۽ ڀارتي ايجنٽ تخريبڪاري جي ڪارروائين ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف پڻ ڪيوآهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔