موسم جي خرابي سبب يو اي اي مارس مشن جی شروعات هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

ابوظهبي: موسم جي خرابي سبب يو اي اي مارس مشن جی شروعات هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب يو اي اي جو پهريون مارس مشن خراب موسم سبب ملتوي ٿي ويو هو ، اهو عرب دنيا ۾ پهريون خلائي مشن پڻ هو.
اماراتي اختيارين 15 جولاءِ جي 12 بجي رات جو مارس مشن لانچ ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ، جيڪو ملتوي ٿي ويو آهي.
يو اي اي اسپيس ايجنسي ۽ محمد بن راشد خلائي سينٽر جو چوڻ آهي ته اميد پروب مارس مشن جي نئين لانچ جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
اماراتي خلائي مشن ڪوشش ڪندو ته مريخ تي موسم معلوم ڪري ۽ ايندڙ 100 سالن دوران اتي انساني آباديءَ بابت ضروري معلومات حاصل ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔