برطانيه چين جي ڪمپني هواوي جي فائيوجي ٽيڪنالاجي تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

لنڊن: برطانيه چيني ڪمپني هواوي جي فائيوجي ٽيڪنالاجي تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.برطانوي خابرو اداري موجب برطانيه ۾ موبائل فون جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهن تي 31 ڊسمبر 2020 کان پوءِ کان چيني ڪمپني هواوي جي فائيو جي ٽيڪنالاجي خريد ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. جڏهن ته موبائل فون ڪمپنين کي 2027 کان اڳ پنهنجي ني نيٽ ورڪس تي سمورين چيني ڪمپنين جي فائيو جي ڪٽ کي هٽائڻو پوندو. برطانيه جي ڊيجيٽل سيڪريٽري اوليور ڊائو ڊين پارليامينٽ کي ان حڪومتي فيصلي بابت آگاهي ڏيندي چيو ته حڪومت جي ان قدم سان ملڪ ۾ هڪ سال اڳ فائيو جي جي شروعات دير جو شڪار ٿيندي.برطانوي ميڊيا موجب برطانيه اها پابندي آمريڪا جي چين تي پابندين کان پوءِ لڳائي جنهن ۾ هواوي کي قومي سلامتي جي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو آهي. برطانوي ڊيجيٽل سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته هواوي تي اڳ کان ئي لاڳو پابندين ۽ هاڻ حڪومتي قدمن جي گڏيل لاڳت 2 ارب برطانوي پائونڊ تائين هوندي. هن چيو ته هي حڪومت جي لاءِ آسان فيصلو ناهي پر برطانوي ٽيلي ڪام سيڪٽر، اسان جي قومي سلامتي ۽ معيشت جي لاءِ صحيح فيصلن مان هڪ آهي جنهن کي هاڻ گڏجي اڳيان وڌڻو آهي.ٻئي طرف برطانوي حڪومت جي فيصلي تي هواوي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته هي برطانيه ۾ موبائل فون رکندڙ هر هڪ ماڻهو جي لاءِ خراب خبر آهي جنهن سان ان ڳالهه جو خطرو آهي ته برطانوي شهري ڊيجيٽل جي سست رفتار دور ۾ شامل ٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔