آمريڪا امن عمل طور افغانستان ۾ پنهنجا پنج فوجي اڏا خالي ڪري ڇڏيا

واشنگٽن: آمريڪا امن عمل طور افغانستان ۾ پنهنجا پنج فوجي اڏا خالي ڪري ڇڏيا آهن.
تفصيل موجب پينٽاگون دعوي ڪئي آهي ته افغانستان ۾ پنج آمريڪي فوجي اڏا خالي ڪرايا ويا آهن ، آمريڪي فوجين جو تعداد 8000 جي وچ ۾ رهندو.
پينٽاگون مطابق 5 آمريڪي فوجي اڏا افغان ڀائيوارن جي حوالي ڪيا ويا آهن.
هڪ سينئر آمريڪي اهلڪار پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته پينٽاگون طالبان سان هڪ معاهدي جي روشني ۾ پنج فوجي اڏا بند ڪري ڇڏيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔