ڪشميري پنهنجن حقن لاء جدوجهد جاري رکندا: علي گيلاني

سرينگر: والاريل ڪشمير ۾ سينئر حریت اڳواڻ سيد علي گيلاني محمد اشرف صحرائي ۽ ڪارڪنن جي هندستان طرفان گرفتاري کي حيران ڪندڙ قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ڪشميري پنهنجي حق خوداراديت لاءِ جدوجهد جاري رکندا.
ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني چيو آهي ته ڪشميري عوام ڀارت جي جارحاڻي قدمن جي سامهون نه جھڪندوحق خود اراديت جي جنگ جاري رکندو ، محمد اشرف صحرائی ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري انتشار جو ثبوت آهي.
ياد رهي ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي شهيدن جي ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ حريت اڳواڻ اشرف صحرائی کي گرفتار ڪيو هو.شرف صحرائي کي صبح جو سوير پنهنجي گهر مان گرفتار ڪيو ويو.قابض فوج اڳ ئي نام نهاد آپريشن دوران اشرف صحرائی جي پٽ جنيد صحرائی کي شهيد ڪري چڪي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔