ديامرڀاشا ڊئم جي اڏاوت سان 16 هزارنيون نوڪريون پيدا ٿينديون: عاصم سليم باجوه

اسلام آباد:وزيراعظم جي خاص مددگار عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ديامر ڀاشا ڊئم تي اڏاوت جي شروعات هڪ تاريخي قدم آهي ، منصوبي سان 16 هزار نيون نوڪريون پيدا ٿينديون

وزيراعظم جي خاص مددگار عاصم سليم باجوه سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته منصوبي سان اسٽيل ، سيمينٽ ۽ اڏاوتي شعبن کي هٿي ملندي .

هن چيو ته منصوبي سان 16 هزارنوڪريون پيدا ٿينديون .6 ڏهائي 4 ملين ايڪڙ پاڻي جي ذخيرن مان 12 لک ايڪڙ زرعي علائقو آباد ٿيندو

عاصم سليم باجوه جو چوڻ هو ته منصوبي سان 4500 ميگاواٽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔