سنڌ حڪومت سيپٽمبر بدران جولاءِ ۾ ڪڻڪ فلورملز کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،

ڪراچي :سنڌ حڪومت سيپٽمبر بدران جولاءِ ۾ ڪڻڪ فلورملز کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب، اسماعيل راهو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار ڪڻڪ کانپوءِ غذائي بحران پيدا ڪرڻ وڃي رهي آهي، مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي نالائقي جي نتيجي ۾ ڪڻڪ کانپوءِ غذائي بحران پيدا ٿيڻ جو به خدشو وڌي ويو آهي، حصي جو پاڻي نه ملڻ ۽ ماڪڙ جي حملن باوجود سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو آهي، سنڌ ڪابينا پرائيس ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جيڪي قدم کڻڻ جي ٰضرورت آهي، اُهي کڻي رهي آهي جيئن خوراڪ جو بحران پيدا نه ٿئي، پي ٽي آءِ جي حڪومت هڪ ٻيو وڏو هٿرادو بحران پيدا ڪرڻ وڃي رهي آهي، هن وقت صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، سنڌ ڪابينا حالتن ۾ نظر ۾ رکي فيصلو ڪندي، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪيو پيو وڃي، هنن جو چوڻ هو ته
سنڌ حڪومت ٽارگيٽ کان وڌيڪ ڪڻڪ حاصل ڪئي، پي ٽي آءِ حڪومت ڪڻڪ ۽ ڪمند جو بحران پيدا ڪيو، نالائق حڪومت غذائي بحران پيدا ڪرڻ واري آهي، عوام کي هاڻي کان ئي هوشيار رهڻ گهرجي، پي ٽي آءِ حڪومت ڪم نه ڳالهيون ڪري رهي آهي، ملڪي تاريخ ۾ اهڙي نالائق حڪومت ڪڏهن نه آئي، مرتضيٰ وهاب چيو ته نالائق حڪومت بحران پاڻ پيدا ڪري الزم اپوزيشن تي هنيا، حڪمرانن پئٽروليم مافيا آڏو کوڏا کوڙي ڇڏيا آهن، پي ٽي آءِ حڪومت ايندي ئي دوائن جون قيمتون وڌائي ڇڏيون، وفاقي حڪومت کنڊ جا اگهه گهٽائڻ بدران وڌائي ڇڏيا آهن، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر قيمتون گهٽ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔