يونس خان جو تجربو انگلينڊ جي خلاف سيريز ۾ ڪم ايندو: شان مسعود

لاهور: ٽيسٽ رانديگر شان مسعود چيو آهي ته ويسٽ انڊيز سان هڪ ٽيسٽ هارڻ کان پوءِ انگلينڊ جي ٽيم جي حوالي سان غلط اندازا قائم نه ڪرڻ گهرجن.

يونس خان جو تجربو انگلينڊ جي خلاف سيريز جي دوران ڪم ايندو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ووسٽر ۾ 13 ڏينهن جو قرنطينه، ٽريننگ ۽ پريڪٽس ميچن کان پوءِ هاڻ ڊربي ۾ ڊيرا ڄمائي ڇڏيا آهن. ڊربي ۾ وڊيو ڪانفرنس ڪندي  کاٻي هٿ جي رانديگر شان مسعود چيو آهي ته ووسٽر کان پوءِ ڊربي ۾ به اسان جو ٻيو مرحلو سٺي انداز ۾ شروع ٿيو آهي.

ووسٽر ۾ رهائش سٺي هئي ۽ 3 مهينن کان لاڪ ڊائون کان پوءِ جهڙي طرح جون هتي سهوليتون ڏنيون ويون آهن ان دوران کيڏڻ ۽ ٽريننگ ڪرڻ سٺو لڳو. شان مسعود چيو ته ڊربي ۾ به بائيو سيڪيور ماحول آهي. ڪورونا سبب معمول واري زندگي تبديل  ٿيڻ سان  اڳ جهڙو ماحول ناهي.

اسان کي ته ان ڳالهه جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جنهن راند سان اسان کي محبت آهي ۽ جنهن راند ۾ اسان ملڪ جي نمائندگي ڪندا آهيون ۽ جنهن  جي ڪري اسان کي عزت ملي آهي ان ۾ اسان واپس آيا آهيون. ڪمپرومائز ڪابه معنيٰ نٿو رکي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔