انگلينڊ سان ميچن جي تيارين جو ٻيو دور، پاڪستاني ٽيم جو ٽريننگ سيشن شروع

لنڊن: انگلينڊ جي دوري جي تيارين جو ٻيو دور شروع ٿي ويو آهي. ڊربي شائر ۾ رانديگرن جي اڄ کان بيٽنگ، بالنگ، فيلڊنگ ۽ فزيڪل  ٽريننگ جا 2-2 سيشن ٿيندا.

قومي اوپنر شان مسعود به سٺي ڪارڪردگي جي لاءِ پرجوش آهي. انگلينڊ جي بدلجندڙ موسم  کان واقفيت جي لاءِ قومي رانديگر ڊربي شائر ۾ ڪيمپ لڳائي ورتا آهن.

اڄ کان ٽريننگ جا 2 سيشن شيڊول آهن. هيوي ويٽ ڪوچنگ اسٽاف جي نگراني ۾ رانديگر بيٽنگ، بالنگ، فيلڊنگ ۽ فزيڪل فٽنس جي لاءِ ان ايڪشن هوندا.

گذريل ڏينهن قومي اوپنر شان مسعود وڊيو پريس ڪانفرنس جي سٺي تيارين ۽ ڪاميابين جي اميد ڏياري ڇڏي. قومي رانديگر 17 تاريخ کان 4 ڏينهن وارو انٽر اسڪواڊ پريڪٽس ميچ کيڏندا.

پاڪستان ۽ انگللينڊ جي وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 5 آگسٽ کان ٿيندي. واضح رهي ته قومي اسڪواڊ ووسٽر شائر ۾ 14 ڏينهن قرنطنيه مڪمل ڪري ووسٽر شائر کان ڊربي شائر پهتا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔