قومي اسيمبلي جي پاڻي بابت ڪميٽي جو اجلاس، وفاقي وزير غائب

اسلام آباد: نواب يوسف ٽالپر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي پاڻي بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڻي معاملن جي وفاقي وزير فيصل واوڊا ۽ سيڪريٽري پاران شرڪت نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ 2 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو،ان موقعي تي اجلاس کي ٽيلي ميٽري سسٽم بابت بريفنگ ڏني وئي. ملڪ اندر واٽر پاليسي بابت بريفنگ نه ڏيڻ تي ميمبرن پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو . ڪميٽي جي ميمبرن پڇيو ته ديا مير ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جي اشتهارن تي ڪيترو خرچ ٿيو،ان بابت ڪميٽي کي تفصيل نه مليا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔