پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جهڙي نالائق حڪومت ڪڏهن به نه آئي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي : سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جهڙي نالائق حڪومت ڪڏهن به نه آئي آهي، حڪومت جي غلط پاليسين سبب هڪ نئون بحران اچي رهيو آهي، حڪومت بروقت قدم نه کنيا ته اٽي جو سنگين بحران پيدا ٿي ويندو، کنڊ ڪميشن رپورٽ ۾ کنڊ بحران جو ڪارڻ وفاقي حڪومت پاران کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ کي قرار ڏنو ويو پر وزيراعظم کان ڪير پڇڻ وارو ئي ناهي، سنڌ جي وڏي وزير کي ته پيشي لاءِ اسلام آباد گهرايو وڃي ٿو . سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ۾ فرق اهو آهي ته هي رڳو ڳالهيون ڪندا آهن ۽ اسان عملي طور ڪم ڪندا آهيون. مرتضيٰ وهاب چيو ته پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جهڙي نالائق حڪومت ڪڏهن به نه آئي آهي،عجيب حڪومت آهي، جيڪا فيصلا به پاڻ ڪندي آهي ۽ نوٽيس به پاڻ ئي وٺندي آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته موجوده حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ جو حال خراب ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجن مفادن خاطر عوام جو استحصال ڪري رهي آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي هدف کان وڌيڪ ڪڻڪ حاصل ڪئي آهي، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اٽو به سنڌ ۾ ئي سستو آهي، وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب هڪ نئون بحران اچي رهيو آهي، حڪومت بروقت قدم نه کنيا ته اٽي جو سنگين بحران پيدا ٿي ويندو……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔