ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جون ڪارروايون، ”را“ جي سليپر سيل جي اهم ڪارڪن سميت 2 ڄڻا گرفتار

ڪراچي : ايف آءِ اي جون ڪراچي ۾ ٻه وڏيون ڪارروايون، ڀارتي ڳجهي اداري “را” جي سليپر سيل جو اهم ميمبر ظفر ۽ حواله هُنڊي جي عالمي ڳجهي نيٽ ورڪ سان واڳيل ٻه جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار ظفر فائربرگيڊ ۾ سرڪاري ملازم هو، سندس واسطو ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي، جوابدار ڀارت ۾ 14 مهينا دهشتگردي جي تربيت ورتي، بم ٺاهڻ ۽ جديد هٿيار هلائڻ جو ماهر آهي، گرفتار ڪيل وڌيڪ ٻن جوابدارن ۾ را” سليپر سيل کي فنڊز فراهم مني ايڪسچينج ڪمپني جو ڊائريڪٽر صفيان ۽ مئنيجر جاويد ميمڻ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔