سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ صوبي ۾ تعليمي نظام جي بهتري لاءِ 11 سب ڪميٽيز جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ صوبي اندر تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ 11 سب ڪميٽيز جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڪميٽيز جي سربراهه توڙي ميمبرز جا نالا به تجويز ڪيا ويا، نوٽيفڪيشن موجب ارلي چائلڊ هوڊ تعليم لاءِ آغا خان جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر المينه پرڏان، پهرئين کان اٺين درجي تائين تعليم جي بهتري لاءِ سيڪريٽري تعليم احمد بخش ناريجو ۽ نائين کان 12هين درجي تائين تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ سيڪريٽري ڪاليجز باقر نقوي جي سربراهيءَ ۾ ڌار ڌار ڪميٽيز جوڙيون ويون، هائر ايجوڪيشن ۾ بهتري لاءِ جُڙيل ڪميٽي جو سربراهه ڊاڪٽر عبدالقدير راجپوت مقرر، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سب ڪميٽيز نصاب سوڌو ٻين تعليمي مامرن جو جائزو وٺي سفارشون پيش ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔