ملڪ ۾ ڪرونا سبب وڌيڪ 69 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 69 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 266 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن دوران 27 سئو 69 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جنهن بعد مريضن جو انگ 2 لک 51 هزار 625 ٿي ويو. رپورٽس مطابق سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرونا جا هڪ لک 5 هزار 533 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن،جڏهن ته هڪ هزار 795 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 هزار 13 فوتگيون ٿيون آهن ۽ 87 هزار 43 شهري متاثر ٿيا آهن. ڪي پي ۾ 30 هزار 486 ڪرونا جا مريض ٿي ويا، جڏهن ته هڪ هزار 99 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا. بلوچستان ۾ 11 هزار 185 ڪرونا جاڪيس ٿي چڪا آهن ۽ 126 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 153، آزاد ڪشمير ۾ 44 ۽ گلگت بلتستان ۾ 26 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔