ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدرجو ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج ، کير جا وڌايل اگهه واپس نه وٺڻ جو اعلان

ڪراچي : ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته توهان اسان کي ڪجهه به نٿا ڪري سگهو، کير جا وڌايل اگهه واپس نه وٺنداسين، ايندڙ مهيني کير وڌيڪ 15 رُپيا مهانگو ڪنداسين، توهان اسان جو ڪجهه نٿا ڪري سگهو. ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر عمر گجر پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ڪمشنر ڪراچي وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي پنهنجي مينهون آڻي بيهاري ڇڏينداسين. عمر گجر کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کي اعليٰ آفيسرن جي مداخلت تي کيس آزاد ڪيو ويو آهي. عمر گجر وڊيو ۾ چوي ٿو ته مان گهر پهچي ويو آهيان، گلستان جوهر ۾ منهنجي دڪانن کي سيل ڪيو ويو آهي. عمر گجر جو چوڻ آهي ته کير جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي، اگهه وڌيڪ اضافو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، ڪمشنر ڪراچي چاري جي قيمتن کي ۾ ضابطو آڻي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔