جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب آصف علي زرداري جي ڪلفٽن واري ملڪيت بابت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد : جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب اسلام آباد جي احستاب عدالت ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو گهر منجمد ڪرڻ ۽ 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪش واري معاملي ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. نيب پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته اسان وٽ پڪا ثبوت آهن ته آصف زرداري ڪراچي ۾ ڪلفٽن وارو گهر ڪرپشن جي پئسن مان ٺهرايو آهي. نيب طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آصف زرداري جي ڪلفٽن واري گهر لاءِ سندس اسٽينو گرافر مشتاق جي اڪائونٽ مان 15 ڪروڙ رُپيا ادا ڪيا ويا هئا. نيب چيو آهي ته آصف زرداري کي ڪلفٽن ڪراچي واري گهر جي حوالي سان سوالنامو موڪليو ويو هو جنهن جو هن جواب نه ڏنو آهي. نيب پنهنجي جواب ۾ احتساب عدالت کي آصف زرداري جي ڪراچي وارو گهر منجمد ڪرڻ جي توثيق ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔