والاريل ڪشمير جي ڀارت کان آزادي تائين ڪشميرين جي جدوجهد جي حمايت جاري رکنداسين،وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي ڀارت کان آزادي تائين ڪشميرين جي جائز جدوجهد جي حمايت جاري رکندو .

شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جار بيان ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي حمايت لاءِ انهن سان گڏ بيٺو آهي ۽ پاڪستان والاريل ڪشمير جي ڀارت کان آزادي تائين ڪشميرين جي جائز جدوجهد جي حمايت جاري رکندو ايندو

وزيراعظم عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير جي آزادي جو ڏينهن پري ناهي ، ڪشميرين جا ابا ڏاڏا نسل درنسل آزادي جي لاءِ قربانيون ڏيندا رهيا آهن .

هن چيو ته اڄ ڪشميري جرات سان هندوتوا بالادستي جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن

سندس چوڻ هو ته هندواتا بالادستي  مقصد ڪشميرين جي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ آهي هن چيو ته شهيدن جي ڏهاڙي تي هو ڀارتي قبضي جي خلاف ڪشميرين جي جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔