دنيا ۾ ڪرونا تي ڪنٽرول نه ٿيو، 5 لک 71 هزار 659 حياتيون ضايع

نيويارڪ : دنيا ۾ ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول نه ٿيو،فوتين جو تعداد 5 لک 71 هزار 659 ٿي ويو. عالمي رپورٽس مطابق دنيا ۾ ڪرونا متاثرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 30 لک 39 هزار 853 ٿي ويو ۽ 75 لک 87 هزار 716 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. آمريڪا ۾ ڪرونا متاثر هڪ لک 37هزار 782،برازيل ۾ 72 هزار 151 ۽ ڀارت ۾ 23 هزار 187 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن. رپورٽس مطابق روس ۾ فوتين جو انگ وڌي 11 هزار 335،پيرو ۾ 11 هزار 870،چلي ۾ 6 هزار 979 تائين پهچي ويو. اسپين ۾ 28 هزار 403،ميڪسيڪو ۾ 35 هزار ،برطانيا ۾ 44 هزار 819 ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ 4 هزار شهري فوت ٿي ويا. ايران ۾ 12 هزار 829،اٽلي ۾ 34 هزار 954،جرمني ۾ 9 هزار 134، بنگلاديش ۾ 2 هزار 352 ۽ فرانس ۾ 30 هزار کان وڌيڪ شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔