وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي اسلام آباد ۾ سڏائي ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي اسلام آباد ۾ سڏائي ورتو. ذريعن مطابق ڪابينا جي اجلاس ۾ وفاقي وزير ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا. ذريعن مطابق اجلاس ۾ ملڪي سلامتي، سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. ڪابينا عيدالاضحيٰ تي ڪرونا جي پکيڙ روڪڻ وارن قدمن جو جائزو وٺندي هم فيصلا ڪندي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔