ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ، ٻارڙي ۽ عورت سميت5 ڄڻا زخمي

راولپنڊي: ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول(ايل او سي) تي بناجواز فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻارڙي سميت 5 شهري زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول جي کوئي رته سيڪٽر تي بناجواز فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ساله  ڇوڪري ۽ عورت سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج طرفان به ڀارتي فوج جي بناجواز فائرنگ جو موثر جواب ڏنو ويو ۽ فائرنگ ڪندڙ ڀارتي پوسٽن کي نشانو بنايو ويو.

ياد رهي ته ان کان اڳ ڀاتي فوج رکهه چڪري سيڪٽر ۾ شهري آبادي کي بناجواز فائرنگ جو نشانو بنايو هو جنهن ۾ بزرگ عورت زخمي ٿي پئي هئي. ڀارت هلندڙ سال هنيئر تائين سيز فائر جي 1643 ڀيرا ڀڃڪڙيون ڪري چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔