رحمان ملڪ جي خلاف بيان بازي نه روڪڻ تي سنٿيا کي ٻيهر نوٽيس جاري

اسلام آباد: سينيٽر رحمان ملڪ ۽ آمريڪي عورت سنٿيا ڊي رچي جي قانوني جنگ جاري آهي.  ايڊيشنل سيشن جج جاويد رانا پ پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽر رحمان ملڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن ۾ رحمان ملڪ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو. جڏهن ته آمريڪي شهري سنٿيا رچي ۽ ان جو وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا.

عدالت  آمريڪي شهري سنٿيا رچي کي رحمان ملڪ جي خلاف بيان بازي کان نه روڪڻ تي ٻيهر نوٽيس جاري ڪيو آهي. عدالت 29 جون تي سنٿيا رچي کي رحمان ملڪ جي خلاف بيان بازي نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته بيان بازي کان نه مڙڻ تي رحمان ملڪ سنٿيا جي خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي.

رحمان ملڪ داخل درخواست ۾ موقف اخيار ڪيو  آهي ته عدالت سنٿيا رچي کي بيان بازي کان روڪڻ جو حڪم ڏنو پر عدالتي حڪم جي باوجود سنٿيا رچي ٽوئٽر تي منهنجي خلاف بيان بازي ڪري رهي آهي. پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ استدعا ڪئي آهي ته عدالتي حڪم جي توهين تي سنٿيا رچي جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.

ٻئي طرف آمريڪي شهري سنٿيا رچي جي وڪيل ايڊووڪيت عمران فيروز ملڪ چيو آهي ته عدالت جي طرفان اڃان تائين اسان کي ڪوبه نوٽيس ناهي مليو. عدالتي نوٽيس مليو ته ٻين ڪيسن جيان هن ۾ به پيش ٿي ويندس.

عدالت آمريڪي شهري سنٿيارچي کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته رحمان ملڪ سنٿيا رچي جي خلاف 50 ارب روپيه هرجاڻي جي به دعويٰ داخل ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔