منهنجو 164 تحت ڪوبه بيان رڪارڊ نه ٿيو آهي،عذير بلوچ

ڪراچي : منهنجو 164 تحت ڪوبه بيان رڪارڊ نه ٿيو آهي، لياري گينگ وار جي مک ڪردار عذير بلوچ قتل ڪيسز ۾ سندس بيان رڪارڊ ٿيڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ قتل سوڌو 16 مختلف ڪيسز تي ٻڌڻيءَ دوران رينجرز جوابدار عذير بلوچ کي پيش ڪيو، ٻڌڻيءَ دوران عدالت جوابدار عذير بلوچ سان مخاطب ٿيندي چيو ته جج آڏو توهان جو اعترافي بيان رڪارڊ ٿيو آهي، جنهن تي توهان جون صحيحون به موجود آهن، سڀاڻي توهان ڪيس جي ٽرائل تان به ڦري ويندئو ۽ چوندو ته ڪوبه ٽرائل نه ٿيو آهي، عدالت پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل بابا لاڊلا جي ڪيس جي رپورٽ 25 جولاءِ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔