بلاول ڀٽو زرداري پاران اتر وزيرستان ۾ شهيد 4 سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڀيٽا پيش

ڪراچي : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اتر وزيرستان ۾ شهيد 4 سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي وارثن سان همدردي جو اظهارڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف سينو تاڻي جوانن جي حمايت ۾ بيٺل آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پائيدار امن لاءِ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولت ڪارن جي صفائي انتهائي ضروري آهي. هن شهيد ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته مودي کي جيڪو وڻي ڪري مستقبل قريب ۾ ڀارتي شڪست واضح طور تي نظر اچي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔