شهرن اندر مال پڙين لڳائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي: اسد عمر

اسلام آباد:رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته شهرن اندر مال پڙين لڳائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ پڙيون صبح جو ڇهين کان شام جو ستين وڳي تائين کليل رهنديون. لاهور ۾ نيشنل ڪمانڊ ايند آپريشن سينٽر جي اجلاس جي صدارت ڪندي اسد عمر چيو ته حڪومت پاران وقت سر کنيل قدمن جي نتيجي ۾ ڪرونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪيو ويو. هن چيو ته ملڪ ۾ 321 هنڌن تي اسمارٽ لاڪ ڊائون جاري آهي،لاڪ ڊائون جي ذريعي ٽي لک ماڻهن کي ڪرونا وائرس کان بچايو ويو،اين سي او سي ٽن شهرن ۾ ڪرونا جي تيزي سان ڦهلاءَ جي نشاندهي ڪئي وئي. اجلاس ۾ مال پڙين جي انتظامن ۽ ايس او پيز جو جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته سموري ملڪ ۾ 700 مال پڙيون قائم ڪيون ويون آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔