عالمي عدالت بابت آرڊيننس جو مقصد ڪلڀوشن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي: رضا رباني

اسلام آباد:سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته حڪومت 20 مئي تي عالمي انصاف جي عدالت جي حوالي سان آرڊيننس جاري ڪيو آهي،جنهن جو مقصد ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. سينيٽ ۾ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته آرڊيننس ڀارتي جاسوس جي سزا خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جي سهولت بابت آهي. هن چيو ته آرڊيننس کي رات جي اوندهه ۾ جاري ڪيو ويو،آرڊيننس کي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي حڪومت ۾همت ناهي. سينيٽر رضا رباني چيو ته والاريل ڪشمير ۾ اڄ شهيدن جي ڏينهن جي ڪال ڏني وئي آهي،ان جي ابتڙ پاڪستان 20 مئي تي ڪلڀوشن ياديو کي رعايت ڏيڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔