اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن، پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد

راولپنڊي: خيبرپختونخواهه جي علائقي اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 جوان شهيد ٿي ويا.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب اتر وزيرستان جي علائقي بويا ۾ انٽيليجنس اطلاعن تي آپريشن ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي جي ناڪابندي دوران دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني ۽ سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 جوان به شهيد ٿيا آهن، جن ۾ سپاهي محمد اسماعيل خان، سپاهي محمد رضوان خان، سپاهي محمد شهباز ياسين ۽ سپاهي راجا وحيد احمد شامل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔